پهاڙن ۾ پڪار

پهاڙن ۾ پڪار

پهاڙن ۾ پڪار

پهاڙن ۾ پڪار (ڪتاب): هي خليل جبران جي ڪهاڻين جي ترجمي تي مشتمل ڪتاب آهي، جنهن جو ترجمو سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار نجم عباسيءَ ڪيو آهي. هي نجم عباسيءَ جو تيرهون ڪتاب آهي، جنهن جو انتساب هن لاڙڪاڻي جي نالي ڪيو آهي. ڪتاب جي ابتدا ۾ نجم عباسيءَ ڄاڻايو آهي ته جڏهن جنوري 1954ع ۾ هو لاڙڪاڻي جي سول اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر هو، تڏهن هن خليل جبران جي ڪتاب Sprits Rebellious جي هڪ ڊگهي ڪهاڻي ”پهاڙن ۾ پڪار“ جي عنوان سان ترجمو ڪئي هئي، جيڪا وڃائجي وئي هئي، بعد ۾ نجم عباسيءَ، خليل جبران جون ٻيون ڪهاڻيون ”قاتل ڪنوار“، ”انصاف جون قبرون“، ”باغي زال“ ۽ ”فنڪار“ ترجمو ڪري گڏائي هن ڪتاب جي صورت ۾ شايع ڪرايون. هي ڪرائون سائيز جو 150 صفحن تي مشتمل ڪتاب زيب سنڌيءَ، سڳنڌ پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران فيبروري 1984ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 12 رپيا آهي. هن ڪتاب جي ٽائيٽل ڪئليگرافي اياز گل جي ڪيل آهي.


لفظ پهاڙن ۾ پڪارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو